ضلع ڪرڪ جي ٿاڻي گرگري جي علائقي امان ڪوٽ ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب پوليس جا پنج اهلڪار شهيد ٿي ويا۔ پوليس ذريعن موجب شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ شاهد اقبال، عارف، صفدر ۽ ٻيا شامل آهن۔پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس موبائل تيل ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپني جي سيڪيورٽي تي مامور هئي، جنهن دوران دهشتگردن حملو ڪيو۔ واقعي کان پوءِ علائقي ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي۔وفاقي گهرو وزير محسن نقوي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڊيوٽي دوران پنج پوليس اهلڪارن جي شهادت تي انتهائي ڏک ۽ افسوس آهي۔گهرو وزير شهيد اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته پوليس اهلڪارن فرض جي راهه ۾ جان قربان ڪري بهادري جي مثال قائم ڪئي آهي۔ هن ڌيڪ چيو ته اهڙا حملا وحشيانا دهشتگردي آهن، شهيدن جون قربانيون اجايون نه وينديون ۽ رياست پوري قوت سان جواب ڏيندي۔ياد رهي ته هن مهيني بنون ۾ ٿاڻي هويد جي شيخ لنڊڪ پوليس چوڪي تي پڻ دهشتگرد حملو ٿيو هو، جنهن ۾ پنج پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا
