پنجاب ۾ سخت ڌند اهم موٽروي ايم ٽو ايم ٿري ايم فور ايم فائي ۽ ايم اليون بند

پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سخت ڌند سبب اهم موٽرويز ٽريفڪ لاءِ بند ڪيون ويون آهن۔ موٽروي پوليس موجب هي قدم عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ کنيو ويو آهي۔موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته موٽروي ايم ٽو لاهور کان ڪوٽ مومن تائين ڌند سبب بند آهي، جڏهن ته موٽروي ايم ٿري لاهور کان درخانہ تائين ٽريفڪ لاءِ بند ڪئي وئي آهي۔ ان کان علاوه لاهور–سيالڪوٽ موٽروي ايم اليون پڻ ڌند سبب بند آهي۔ترجمان موجب موٽروي ايم فور پنڊي ڀٽيان کان عبدالحڪيم تائين ۽ موٽروي ايم فائي ملتان کان روهڙي تائين ڌند سبب بند ڪئي وئي آهي۔قومي شاهراهه تي سندر، مانگا منڊي، ڦول نگر، پتوڪي، اوڪاڙه، گيمبر، ساهيوال، چيچا وطڻي ۽ اقبال نگر ۾ ڌند
جي صورتحال برقرار آهي، جتي حدِ نظر صفر کان 100 ميٽر تائين محدود آهي۔موٽروي پوليس شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته ڌند دوران لين ڊسيپلن جي ڀڃڪڙي خطرناڪ حادثن جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔ پوليس موجب صبح 10 وڳي کان شام 6 وڳي تائين سفر محفوظ آهي۔شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته فوگ لائٽس لازمي استعمال ڪن، غير ضروري سفر ۽ تيز رفتاري کان پاسو ڪن، ۽ اڳيان ويندڙ گاڏي کان محفوظ فاصلو برقرار رکن۔ مدد ۽ رهنمائي لاءِ موٽروي پوليس هيلپ لائن 130 تي رابطو ڪيو وڃي

پنھنجي راءِ لکو