صوبي وزير بلديات جو اعلان ملازمن جي ڪارڪردگي تي ڌيان عوام تي نئون ٽيڪس يا شرح ۾ واڌ ناهي

صوبي وزير بلديات ڪي پي مينا خان آفريدی واضح ڪيو آهي ته عوام تي نئون بلدياتي ٽيڪس نه لاڳو ڪيو ويندو ۽ نه ئي موجوده ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ ڪئي ويندي۔آر واءِ نيوز مطابق، ميٽنگ ۾ بلدياتي ملازمن جي پوسٽنگ، ٽرانسفر پاليسي ۽ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ اهم قدمن تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ملازمن لاءِ جاب ڊسڪرپشن ۽ ڪارڪردگي جا معيار آخري مرحلن ۾ آهن۔صوبي وزير هدايت ڪئي ته رٽائر ٿيڻ کان 6 مهينا اڳ ڪنهن به ملازم جو تبادلو نه ڪيو وڃي، ۽ ملازمن جي ڪارڪردگي کي کاتي جي آمدني وڌائڻ سان مشروط ڪيو وڃي۔ افسرن کي ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ جي به هدايت ڏني وئي آهي، ته جيئن عوام تي ڪو بوجھ نه پوي۔

پنھنجي راءِ لکو