يو اي اي جو صدر شيخ محمد بن زايد اڄ سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچندو

وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي متحده عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان اڄ سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچندو۔ اسلام آباد پهچڻ تي صدرِ مملڪت طرفان سندس شاندار استقبال ڪيو ويندو۔تفصيل موجب دوري دوران شيخ محمد بن زايد پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪندو۔ ملاقاتن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي۔ان کان علاوه علائقي ۾ امن ۽ سلامتي، دفاعي لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون بابت به خيال ونڊ ڪيا ويندا۔ حڪومتي ذريعن موجب هي دورو پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو۔

پنھنجي راءِ لکو