جعفر سپايڪريس جي مسافرن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص سيڪيورٽي بوگي ڪوئيٽا پهچائي وئي آهي۔ يلوي عملدارن موجب هي سيڪيورٽي بوگي جديد سيڪيورٽي اوزارن سان ليس آهي، جنهن جو ڪوئيٽا ۾ ٻه هفتا ٽرائل ڪيو ويندو۔ ترجمان ٻڌايو ته بوگي ٽرين جي حفاظت لاءِ خاص طور تي تيار ڪئي وئي آهي۔ياد رهي ته 11 مارچ تي جعفر ايڪسپريس صبح 9 وڳي 380 مسافرن کي کڻي ڪوئيٽا مان رواني ٿي هئي، جڏهن ته پانير ۽ مشکاف اسٽيشنن جي وچ ۾ ڏينهن هڪ وڳي آئي اي ڊي ڌماڪي ذريعي ٽرين کي روڪيو ويو۔دهشتگردن ٽرين تي حملو ڪري مسافرن کي يرغمال بڻايو، شروعاتي طور 86 مسافر آزاد ڪيا ويا، جڏهن ته 12 مارچ تي وڌيڪ 78 يرغمالي آزاد ڪيا وياقانون لاڳو ڪندڙ ادارن 12 مارچ جي شام دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪيو، جنهن دوران 190 مسافرن کي بازياب ڪرايو ويو ۽ 33 دهشتگرد ماريا ويا۔ آپريشن دوران 5 اهلڪار شهيد ٿياٽرين ۾ موجود 380 مسافرن مان 354 کي بحفاظت ڪڍيو ويو، جڏهن ته 26 مسافر شهيد ٿيا، ان کان علاوه ريلوي پوليس جو هڪ اهلڪار ۽ ريلوي جو هڪ ملازم پڻ شهيد ٿيو۔
