نيشنل ڊزاسٽر منيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن دوران ممڪن برساتن ۽ متوقع موسمي صورتحال بابت ايڊوائزرِي جاري ڪري ڇڏي آهي۔اين ڊي ايم اي موجب اڄ رات پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ مغربي هوائن سبب ملڪ جي گهڻن علائقن ۾ برسات ۽ پهاڙي علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي۔ مغربي هوائن جو هي سلسلو 30 ڊسمبر تي وڌيڪ شدت اختيار ڪندو، جڏهن ته 31 ڊسمبر تي مٿين ۽ وچولي علائقن ۾ برسات متوقع يجنهن جا اثر 2 جنوري جي صبح تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي۔ناران، ڪاغان سوات، دير، ڪوھستان، مري، گليت، اسکردو، هنزه سميت ڪيترن ئي پهاڙي علائقن ۾ برفباري متوقع آهي، جنهن سبب رابطا رستا بند ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔ مٿين خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي پهاڙيعلائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ۽ برفاني تودا ڪرڻ جو به امڪان آهي۔ممڪن موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اين ڊي ايم اي سياحن ۽ مسافرن کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ جڏهن ته برساتن سبب وچولي ۽ ڏکڻ پنجاب ۽ مٿين سنڌ ۾ ڌند جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي۔اين ڊي ايم اي پي ڊي ايم ايز جي بي ڊي ايم اي، ايس ڊي ايم اي ۽ ضلعي انتظاميه کي الرٽ رهڻ، ايمرجنسي ريسپانس ٽيمون تيار رکڻ ۽ اڳواٽ حفاظتي قدم يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن۔ عوام کان اپيل ڪئي وئي آهي ته موسمي صورتحال بابت تازين ڄاڻ ۽ احتياطي هدايتن لاءِ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ ايپ مان رهنمائي حاصل ڪن۔
