ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي صلاحڪار علي شمخاني آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ملڪ خلاف ڪنهن به جارحيت جو سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب علي شمخاني جو هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي نوان هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون۔علي شمخاني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران جون ميزائل ۽ دفاعي صلاحيتون ڪنهن به دٻاءَ هيٺ محدود نٿيون ڪري سگهجن ۽ نه ئي ان لاءِ ڪنهن ٻاهرين اجازت جي ضرو ورت آهي۔ هن چيو ته ايران پنهنجي سلامتي جي حفاظت لاءِ هر ضروري قدم کڻندو رهندو۔هي ردعمل آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياہو جي گڏيل پريس ڪانفرنس کان پوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ ٽرمپ چيو هو ته آمريڪا ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر جيڪڏهن ايران ٻيهر جوهري صلاحيتون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هر ممڪن خطري کي فوري طور ختم ڪيو ويندو۔ٻئي طرف، ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته اسرائيل جي سرگرمين تي ويجهي نظر رکي پئي وڃي ۽ دفاعي تياريون وڌيڪ مضبوط ڪيون پيون وڃن۔ هن خبردار ڪيو ته ڪنهن به نئين مهم جوئي جو جواب ماضي جي ٻارهن ڏينهن واري جنگ کان به وڌيڪ سخت هوندو۔ايران طرفان هي سخت بيان اهڙي وقت سامهون آيا آهن جڏهن خبرون آهن ته اسرائيل، ايران جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام کي محدود ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان گڏيل ڪارروائي تي زور ڏئي رهيو آهي۔ان دوران ايران عالمي جوهري توانائي ايجنسي جي معائنه ڪندڙن سان سهڪار روڪي ڇڏيو آهي ۽ نئون قانون منظور ڪيو آهي، جنهن تحت مستقبل ۾ ڪنهن به جوهري معائني لاءِ قومي سلامتي ڪائونسل جي منظوري لازمي هوندي۔
