اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس جي اختيارن کان وڌڻ تي اهم فيصلو جاري ڪندي بنا قانوني عمل ڪيل گرفتاري کي اغوا برابر قرار ڏئي ڇڏيو آهي عدالت چيو آهي ته جڏهن قانوني عمل جو غلط استعمال ۽ انصاف سان کيل ڪيو وڃي ته اهڙي ڪارروائي قانوني طور رد سمجهي ويندي آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ محمد وقاص، عليم سهيل ۽ سندس گهرواري ثناء سهيل خلاف درج ڪيل ڪيس خارج ڪرڻ بابت 16 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلو جاري ڪيو، جيڪو جسٽس محسن اختر ڪياني لکيو۔تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڊي آءِ جي اسلام آباد جي رپورٽ موجب ملوث پوليس اهلڪارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن۔ عدالت واضح ڪيو ته قانوني عمل جو غلط استعمال ۽ انصاف سان کيل طئي ٿيل اصولن موجب ڪارروائي کي رد ڪري ٿوعدالت سپريم ڪورٽ جي فيصلن جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ايف آءِ آر غير قانوني بنيادن تي داخل ڪئي وڃي ته ان کانپوءِ سموري ڪارروائي ختم ٿيڻ گهرجي۔ جڏهن ته سپريم ڪورٽ اهو به طئي ڪيو آهي ته فوجداري ڪارروائي رد ڪرڻ جو اختيار محدود آهي ۽ ان کي غير معمولي حالتن ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي۔تحريري فيصلي ۾ لاهور ۽ بهاولپور مان عورت ۽ ننڍڙن ٻارن جي مبينا اغوا واري معاملي ۽ اڳوڻي سي اي او پي آءِ اي مشرف رسول جي شهري محمد وقاص ۽ عليم سهيل سان مالي تڪرار جو به ذڪر ڪيو ويو آهي۔اسلام آباد هاءِ ڪورٽ محمد وقاص، عليم سهيل، ثناء سهيل ۽ ارحم وقاص خلاف ڪيس نمبر 653/25 ٿاڻو ترنول اسلام آباد ۾ داخل پوليس مقابلي سميت ٻين دفعات تحت ڪيس خارج ڪري ڇڏيو۔عدالت آءِ جي اسلام آباد کي مبينا جعلي پوليس مقابلي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي هر اهلڪار تي هڪ هڪ لک رپيا جرمانو لاڳو ڪيو، جيڪو بطور تلافي ثناء سهيل کي ادا ڪيو ويندو۔عدالت پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته عورت سان گڏ آندل ملڪيت واريون گاڏيون ڪيش رقم ۽ زيور واپس ڪيا وڃن، جڏهن ته لاهور پوليس کي عورت ۽ ٻارن جي اغوا واري ڪيس ۾ جوابدارن خلاف ميرٽ تي جاچ ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي۔عدالت آءِ جي اسلام آباد کي فيصلي تي عملدرآمد ڪري 30 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي۔
