لاهور ۾ پهريون فلوٽنگ ريسٽورنٽ درياءِ راوي مان نڪرندڙ نهر تي منفرد منصوبو مڪمل ٿيڻ ويجهو

لاهور واسيُن لاءِ تفريح ۽ سياحت جو هڪ نئون ۽ منفرد منصوبو تيزي سان مڪمل ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي۔ درياءِ راوي مان نڪرندڙ نهر تي لاهور جو پهريون فلوٽنگ ريسٽورنٽ رواں سال مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي، جتي بهترين کاڌي سان گڏ پارڪنگ ۽ ٻيون جديد سهولتون پڻ موجود هونديون جلو پارڪ ڀرسان نهر تي تيار ٿيندڙ هن فلوٽنگ ريسٽورنٽ جي تعمير تيز رفتاري سان جاري آهي، جنهن ۾ هڪ وقت ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهو کاڌو کائي سگهندا۔پروجيڪٽ انتظاميا ٻڌايو آهي ته فلوٽنگ ريسٽورنٽ ٽي ماڙ هوندو، جنهن لاءِ نهر کي وڌيڪ اونهو ڪيو پيو وڃي ۽ ريت ڪڍڻ جو ڪم به جاري آهي۔ منصوبي کي مقرر وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ٿي رهيو آهي۔هن ريسٽورنٽ ۾ معياري ۽ مختلف قسمن جو کاڌو، آرامده ويهڻ جا انتظام، پارڪنگ ۽ ٻيون بنيادي سهولتون مهيا ڪيون وينديون۔پارڪس اينڊ هارٽيڪلچر اٿارٽي (پي ايڇ اي) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر راجا منصور احمد موجب هي منصوبو لاهور شهر لاءِ تفريح ۽ سياحت جو نئون مرڪز بڻجندو۔هن جو چوڻ آهي ته فلوٽنگ ريسٽورنٽ شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪندو ۽ شهرين کي هڪ نئون ۽ يادگار تجربو فراهم ڪندو، جڏهن ته اميد آهي ته هي منصوبو لاهور جي سڃاڻپ بڻجي ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو