ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ملڪ ۾ جعلي دوائن خلاف ڪارروائيون تيز ڪندي ٽن دوائن جي جعلي بيچز بابت ريپڊ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي وڪرو ۽ استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي آهي۔ڊريپ موجب سينٽرل ڊرگ ليبارٽري ڪراچي ۽ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري پنجاب جي رپورٽن ۾ ڪجهه دوائن کي جعلي قرار ڏنو ويو آهي، جن ۾ تسڪين درد گولي بيچ نمبر 091 ۽ پين نل گولي بيچ نمبر 01 شامل آهن۔الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهي دوائون ليو هيلٿ ڪيئر ليب ۽ حڪيم پراڻو دواخانو ڪراچي طرفان غير قانوني طور تي تيار ۽ سپلائي ڪيون ويون، جڏهن ته انهن وٽ دواسازي جو ڪو به لائسنس موجود نه هو۔ساڳئي طرح معدي جي بيمارين لاءِ استعمال ٿيندڙ مشهور برانڊ ڊوپھاليڪ سِرپ جو بيچ نمبر 251986 پڻ جعلي قرار ڏنو ويو آهي۔ جعلي سرپ جي ليبل تي ملٽي نيشنل ڪمپني ايبٽ فارما ڪينيڊا جو پتو درج هو، جڏهن ته ڊوپھاليڪ ٺاهيندڙ ڪمپني هاءِ نون فارما متاثر ٿيل بيچ کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي۔ڊريپ خبردار ڪيو آهي ته جعلي دوائن جو استعمال انساني صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ علاج جا نتيجا به متاثر ٿي سگهن ٿا۔ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پنهنجي ريگوليٽري فورس کي هدايت ڪئي آهي ته مارڪيٽ مان جعلي دوائن جي سپلائرز جي سڃاڻپ ڪري متاثر ٿيل بيچز کي فوري طور ضبط ڪيو وڃي، جڏهن ته ڊسٽريبيوٽرز ۽ ميڊيڪل اسٽورن کي به الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ته جيئن عوام کي محفوظ دوائون مهيا ڪري سگهجن۔
