ايران ۾ جاري احتجاجي مظاهرن دوران ٿيل جاني نقصان کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ايران خلاف ممڪن فوجي ڪارروائين بابت نون آپشنز تي بريفنگ ڏني وئي آهي ته صدر ٽرمپ ڪا ڪارروائي ڪرڻ چاهي ٿو، پر اڃا تائين حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو۔ ٽرمپ انتظاميا ايران ۾ جاري مظاهرن جي پس منظر ۾ تهران جي غير فوجي هدفن تي حملن سميت مختلف فوجي آپشنز تي سنجيدگي سان غور ڪري رهي آهي۔ جون مهيني ۾ آمريڪا ايران-اسرائيل جنگ دوران ايران جي جوهري تنصيبات تي بمباري ڪئي هئي صدر ٽرمپ پ پليٽ فارم ٽروتھ سوشل تي چيو ته ايران آزادي چاهي ٿو ۽ آمريڪا ايراني عوام جي مدد لاءِ تيار آهي۔ هن گذريل اٺ ڏينهن دوران ڪيترائي ڀيرا چيو ته جيڪڏهن ايراني حڪومت مظاهرين خلاف تشدد ڪندي رهي ته آمريڪا سندن حمايت ڪندو۔هي بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن عمان جي پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي آهي۔ جمعي ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته ايران ۾ مظاهرين اهڙن شهرن تي قبضو ڪري رهيا آهن جن بابت ڪنهن سوچيو به نه هو ۽ آمريڪا صورتحال تي نظر رکي ويٺو آهي
