پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي جي باغ جناح ۾ اڄ ٿيندڙ جلسي سان لاڳاپيل بيان ۾ سنڌ حڪومت جي سخت مذمت ڪئي آهي۔ پارٽي جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جلسي ۾ رڪاوٽون وجهڻ سان جمهوريت مخالف رويو ڏيکاري ڇڏيو آهي۔پي ٽي آءِ جي بيان موجب اڄوڪو اجتماع سياسي قيدين جي رهائي ۽ آئين جي بالادستي لاءِ آهي، عدليہ جي آزادي ۽ اظهار جي آزادي جي تحفظ لاءِ عوام سڙڪن تي هوندا۔ پر سنڌ حڪومت جي دوغلي پاليسيون ۽ رڪاوٽون عوامي جهموري سرگرمين ۾ رنڊڪ وجهي رهيون آهن۔بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پي ٽي آءِ جون پرامن جهموري سرگرميون جاري آهن، پر ڪراچي واپسي دوران موٽر وي تي پارٽي جي قافلي کي مختلف هنڌن تي روڪيو ويو ۽ ٻه ڪلاڪ جو سفر اٺ ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿيو۔پي ٽي آءِ اين او سي ۾ دير، رستن ۾ رڪاوٽون ۽ پوليس تشدد جي مذمت ڪندي چيو آهي ته عوام کي ڊرايو نه ٿو وڃي ۽ تحريڪ کي روڪي نه ٿو سگهجي۔جواب ۾ وزير ثقافت ۽ سياحت سنڌ سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت سڀئي ذميواريون پوريون ڪيون، اجازت نامو موجود آهي ۽ سڙڪن تي عوام کي تڪليف ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي۔
