اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نيشنل پريس ڪلب تي پوليس جي حملي خلاف صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اسلام آباد، لاهور، ڪراچي، حيدرآباد، ڪوئٽه، بهاوالپور، گوجرانوالا، سرگودها، گجرات، رحيم يار خان ۽ دادو ۾ صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ۽ پوليس جي زيادتين تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو.جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد پهچي صحافين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوليس آئين ۽ قانون جو تقدس پامال ڪيو آهي، اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. لاهور پريس ڪلب ۾ احتجاج دوران پي ايف يو جي سيڪريٽري جنرل ارشد انصاري خبردار ڪيو ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجي روش تبديل نه ڪئي ته صحافي سموري ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿيندا. انهي موقعي تي سي پي اين اي جي صدر ڪاظم خان ۽ ايمينڊ جي سينيئر نائب صدر اياز خان به خطاب ڪيو. ڪوئٽه پريس ڪلب ۾ به صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ڪراچي ۾ صحافي اڳواڻن خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.
