بنوں ۾ دهشتگردن جي فائرنگ امن ڪاميٽي جا 4 ميمبر شهيد

خيبر پختونخوا جي شهر بنوں ۾ ٿاڻي هويد جي حدن اندر گلبدين لنڊي ڊاڪ واري علائقي جي مزنگه چوڪ وٽ دهشتگردن امن ڪاميٽي جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ چار ميمبر موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا.پوليس موجب شهيد ٿيلن ۾ نصيب، حامد ۽ ضياءُ الله شامل آهن، جڏهن ته چوٿين شهيد جي سڃاڻپ جاري آهي. لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي  واقعي کان پوءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.امن ڪاميٽي جي ميمبرن چيو آهي ته دهشتگردن خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي

پنھنجي راءِ لکو