ٿانه ڊوميل جي حدن ۾ ڪاشو پل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن کي پوليس بهادري سان ناڪام بڻائي ڇڏيو۔ دهشتگردن چيڪ پوسٽ تي چارئي پاسن کان فائرنگ ڪئي، پر پوليس جي جوانن جي سخت جوابي ڪارروائي سبب هو ڀڄي ويا۔ڊي پي او ياسر آفريدي موجب پوليس دهشتگردن کي وڏو جاني نقصان پهچايو آهي۔ هن چيو ته پوليس دهشتگردن خلاف هر وقت تيار آهي ۽ انهن کي چونڊي چونڊي ختم ڪيو ويندو، کين لڪڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو۔ياد رهي ته گذريل هفتي پشاور ۾ سي ٽي ڊي بنوں ريجيئن ۽ لڪي مروت پوليس بيگوخيل علائقي ۾ گڏيل انٽيليجنس بنياد تي آپريشن دوران ٽن خطرناڪ دهشتگردن کي ماريو هو، جن ۾ بدنام زمانه ٽارگيٽ ڪلر محمد نذير عرف مجاهد پڻ شامل هو۔
