محمود خان اچکزئي کي جمعرات تي اپوزيشن ليڊر طور نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو پي ٽي آءِ چيئرمين

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر علي خان اعلان ڪيو آهي ته پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچکزئي کي اپوزيشن ليڊر طور نوٽيفڪيشن ايندڙ جمعرات تي جاري ڪيو ويندو۔ گوهر علي خان چيو، “دير ئي سهي، پر اها هڪ سٺي اڳڀرائي آهي جو اپوزيشن کي ان جو آئيني حق ملي رهيو آهي.” صحافين جي سوال تي جواب ڏيندي هن واضح ڪيو ته رولز ۽ پارلياماني روايتن مطابق اپوزيشن ليڊر جو حق صرف انهن جماعتن کي آهي جيڪي اپوزيشن بينچ تي ويٺل آهن۔هن وڌيڪ چيو، “پيپلز پارٽي هن وقت اپوزيشن بينچ تي نه آهي، تنهن ڪري انهن جو دعويٰ بلاجواز آهي رولز موجب صرف اپوزيشن ۾ شامل جماعتن مان ليڊر آف دي اپوزيشن چونڊيو ويندو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو