بورڊ آف انٽرميڊيئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن (بي آءِ ايس اي) پنجاب سال 2026 جي انٽرميڊيئيٽ سالياني امتحانن جي تاريخن جو باضابطه اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ شيڊول موجب انٽرميڊيئيٽ پارٽ ٽو (ڪلاس 12) جا امتحان 5 مئي 2026 کان شروع ٿيندا، جڏهن ته انٽرميڊيئيٽ پارٽ ون (ڪلاس 11) جا امتحان 24 مئي 2026 کان شروع ٿيندا۔بي آءِ ايس اي جي هڪ عملدار موجب امتحاني تاريخون صوبي جي تعليمي ڪيلنڊر کي نظر ۾ رکندي حتمي ڪيون ويون آهن، جيئن امتحان منظم نموني سان منعقد ٿين ۽ نتيجا وقت سر جاري ٿي سگهن۔ڇو ته پنجاب جا سڀئي تعليمي بورڊ گڏيل امتحاني ڪيلنڊر تي عمل ڪندا آهن، تنهن ڪري فيصل آباد بورڊ پاران اعلان ڪيل هي تاريخون لاهور راولپنڊي، ملتان، گجرانوالا سميت صوبي جي سمورن بورڊن ۾ لاڳو ٿينديون۔پنجاب جا تعليمي بورڊ عام طور تي ميٽرڪ امتحانن کان پوءِ انٽرميڊيئيٽ امتحانن جي تاريخن جو اعلان ڪندا آهن ته جيئن انتظامي ۽ لاجسٽڪ معاملن کي بهتر نموني سان مڪمل ڪري سگهجي۔ رول نمبر سلپس، تفصيلي ڊيٽ شيٽ ۽ امتحاني مرڪزن جي ڄاڻ امتحانن کان اڳ جاري ڪئي ويندي۔شاگردن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي تياري جاري رکن ۽ تازي ڄاڻ لاءِ پنهنجي لاڳاپيل تعليمي بورڊ سان رابطو ۾ رهن۔
