پاڪستاني زيتون عالمي مقابلي ۾ ڪامياب، نيويارڪ ۾ سلور ايوارڊ حاصل

پاڪستاني زيتون عالمي سطح تي سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي آهي، جتي بلوچستان جي ضلعي لورالائي ۾ تيار ڪيل خالص ايڪسٽرا ورجن اوليو آئل نيويارڪ انٽرنيشنل اوليو آئل مقابلي ۾ سلور ايوارڊ کٽي ورتو آهي۔لورالائي جي زيتون جي تيل پنهنجي اعليٰ معيار، بهترين ذائقي ۽ غذائي اهميت سبب عالمي ججس کي متاثر ڪيو، جنهن سان پاڪستان جو نالو عالمي سطح تي روشن ٿيو۔هي ڪاميابي بلوچستان جي زرعي صلاحيت ۽ مقامي آبادگارن جي محنت جو ثبوت آهي، جنهن سان نه صرف پاڪستان جي زرعي سڃاڻپ مضبوط ٿي آهي پر زرعي برآمدات جا نوان موقعا به پيدا ٿيا آهن۔ماهرن موجب لورالائي اوليو آئل جو معيار ۽ ذائقو ان کي دنيا جي بهترين زيتون جي تيلن ۾ شامل ڪري ٿو، جڏهن ته هن ڪاميابي سان مقامي آبادگارن کي خوشحالي ۽ خودڪفالت جا نوان موقعا ملي رهيا آهن۔هي اعزاز پاڪستان جي زرعي شعبي جي عالمي سڃاڻپ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو