اوٻاوڙهو جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گڏيل ٽارگيٽڊ آپريشن شر گينگ جو هڪ جوابدار مارجي ويو

اوٻاوڙهو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهاري شر گينگ خلاف پوليس ۽ رينجرز گڏيل طور ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو آهي. هي ڪارروائي پوليس طرفان ڏنل ٻن ڏينهن جي مهلت ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪئي وئي.پوليس ذريعن موجب آپريشن دوران جديد ڊرون ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي، جنهن ذريعي بدنام جوابدار ثنو شر ۽ سنهڙو شر جي گهرن کي نشانو بڻايو ويو. ڪارروائي دوران جوابدارن طرفان فائرنگ پڻ ڪئي وئي.ڊرون حملي جي نتيجي ۾ هڪ گهربل جوابدار بخش شر موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته ٽي ماڻهو زخمي ٿيا، جن کي ويجهي طبي مرڪز منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي ۽ وڌيڪ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائيون ڪيون پيون وڃن سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي ناڪابندي ڪري ڇڏي آهي.حڪام موجب ڪچي واري علائقي ۾ امن امان جي بحالي تائين آپريشن جاري رهندو.

پنھنجي راءِ لکو