پنجاب صوبي ۾ سڀئي سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا سياري جي موڪلن کان پوءِ ٻيهر کوليا ويا آهن ۽ تعليمي سرگرميون بحال ٿي ويون آهن۔محڪمه تعليم موجب اسڪولن جون سياري جون موڪلون 20 ڊسمبر کان شروع ٿيون هيون ۽ شاگردن کي ڪل 30 ڏينهن جي موڪلن ڏنيون ويون۔صوبائي وزير تعليم رانا سڪندر حيات چيو ته وڌيڪ موڪلن جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي ۽ سڀ اسڪول 19 جنوري کان کوليا ويا آهن۔ هن ٻڌايو ته اهو فيصلو موسم ۽ گرمي پد کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ماحوليات کاتي ۽ پي ڊي ايم اي سان به صلاح مشورا ڪيا ويا۔اسڪول ايجوڪيشن کاتي طرفان سرڪاري اسڪولن لاءِ نوان وقت به جاري ڪيا ويا آهن، جيڪي 19 جنوري کان 15 اپريل 2026 تائين لاڳو رهندا۔سنگل شفٽ اسڪول سومر کان خميس صبح 10 کان 2:15 تائين کليل رهندا، جڏهن ته جمعي تي ڪلاس 10 کان 12:30 تائين ٿينداڊبل شفٽ اسڪولن ۾ مارننگ شفٽ 10 کان 2 تائين ۽ آفٽر نون شفٽ 2:15 کان 4:45 تائين مقرر ڪئي وئي آهي۔کاتي موجب استادن لاءِ سي پي ڊي ۽ نصابي تياري لازمي آهي ۽ ڇنڇر تي به حاضري يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔ انهن قدمن جو مقصد تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي۔
