راجا ناصر عباس سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر نوٽيفڪيشن جاري

باني پاڪستان تحريڪِ انصاف عمران خان جي نامزد ڪيل راجا ناصر عباس سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ٿي ويو آهي، جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي قومي اسيمبلي ۾ محمود خان اچڪزئي جي اپوزيشن ليڊر بڻجڻ کان پوءِ هاڻي سينيٽ ۾ به باني پي ٽي آءِ جي نامزد ڪيل علامه راجا ناصر عباس کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني راجا ناصر عباس جي تقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي۔وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چيئرمين سينيٽ روايت موجب ايوان ۾ اپوزيشن ليڊر جي تقرري جو اعلان ڪندا۔ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ سينيٽر علامه راجا ناصر عباس سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي سيٽ سنڀالي ورتي۔ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي سينيٽرز عمران خان جي حق ۾ نعرا هنيا۔ جڏهن ته وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، رانا ثناءُ الله، طارق فضل چوڌري سميت ٻين ميمبرن راجا ناصر عباس سان ملاقات ڪري کيس اپوزيشن ليڊر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني۔ٻئي پاسي ن ليگ جي سينيٽر ناصر بٽ طنزيه تبصرو ڪندي چيو ته ڇا پي ٽي آءِ وٽ ڪو ٻيو به شخص موجود نه هو، جنهن کي اپوزيشن ليڊر بڻايو وڃي ها۔

پنھنجي راءِ لکو