پاڪستان ۾ اڄ هڪ ڏينهن دوران سون جي قيمت ۾ تاريخي واڌ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ في توله سون 5 لک 6 هزار 362 رپيا تائين پهچي ويو.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولر ايسوسيئيشن موجب اڄ في توله سون 12 هزار 700 رپيا مهانگو ٿيو۔ ساڳي طرح 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 10 هزار 888 رپيا جو اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ قيمت 4 لک 34 هزار 123 رپيا جي تاريخي سطح تي پهچي وئي۔چاندي جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿيو، جنهن کان پوءِ في توله چاندي جي قيمت 9,933 رپيا ٿي وئي۔عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ پڻ واڌ ٿي، جتي في اوونس سون 4,840 ڊالرز جي تاريخي سطح تي پهچي ويو۔ بين الاقوامي گولڊ مارڪيٽ ۾ في اوونس سون 127 ڊالرز مهانگو ٿيو۔سون روايتي طور تي محفوظ سيڙپڪاري سمجهيو ويندو آهي، جيڪو مهانگائي ۽ معاشي بي استحڪام جي دوران وڌي ويندو آهي۔ غير يقيني حالتن ۾ سيڙپڪار اڪثر سون خريد ڪندا آهن۔ پاڪستان ۾ گذريل سال سون جي قيمت مقرر ڪرڻ جي طريقيڪار ۾ تبديلي ڪئي وئي، جنهن تحت قيمت انٽرنيشنل مارڪيٽ ريٽ کان في اوونس 20 ڊالر وڌيڪ مقرر ڪئي وئي
