ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ٻه ڄڻا زخمي

سنڌ جي شهر ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني هڪ ٻئي غريب محنت ڪش نوجوان جي جان کسي ورتي آهي۔ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گاجي کاؤڙ روڊ تي هٿياربند ڌاڙيلن موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا۔فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ شاهد علي ولد داڙهون ڀنڊ، رهواسي ڳوٺ سوجهرو ڀنڊ طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ راشد علي ۽ رابيل شامل آهن۔ ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي۔عيني شاهدن موجب ڌاڙيلن موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ وقت بنا ڪنهن هٻڪ جي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب نوجوان سخت زخمي ٿيا۔ واقعي کان پوءِ تعلقه اسپتال ميهڙ ۾ ڀنڊ برادري جا ڪيترائي ماڻهو پهچي ويا، جتي مقتول جي ماءُ جون سڏڪيون ۽ دانهن هر اک آلي ڪري ڇڏيون۔علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ميهڙ ۽ ڀرپاسي ۾ چوري، ڦر ۽ اسٽرٽ ڪرائم جا واقعا خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن، پر پوليس طرفان ڪو به اثرائتو قدم نظر نٿو اچي۔ شهرين ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني جو فوري نوٽيس ورتو وڃي۔ذريعن موجب مقتول نوجوان هڪ غريب محنت ڪش هو، جيڪو هوٽل تي مزدوري ڪري پنهنجي گهر وارن جو سهارو بڻيل هو، پر اڄ اهو ئي نوجوان ڌاڙيلن جي گولين جو نشانو بڻجي ويو۔پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پر اڃا تائين ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو