ڪراچي ۾ برسات کان پوءِ سخت سردي پارو 6 ڊگري تائين ڪري پيو 4 ڊگري جي سردي محسوس

ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن پيل برسات کان پوءِ موسم وڌيڪ سرد ٿي ويو آهي۔ ٿڌين هوائن سبب شهر ۾ گرمي پد گهٽجي 6 ڊگري سينٽي گريڊ تائين اچي ويو آهي، جڏهن ته سردي جي شدت 4 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محسوس ڪئي پئي وڃي۔محڪمو موسميات موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ پهاڙي علائقن ۾ برفباري سبب روزاني زندگي متاثر ٿيڻ لڳي آهي۔ محڪمي جو چوڻ آهي ته سردي ۽ برسات جو هي سلسلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي۔محڪمو موسميات موجب ڪراچي جو مجموعي گرمي پد 10.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بن قاسم واري علائقي ۾ گرمي پد 7.4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو۔ اڄ شهر ۾ موسم ابر آلود رهڻ سان گڏ وقفي وقفي سان هلڪي کان وچولي برسات پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته برسات دوران مٽي ڀريل تيز هوائون به هلي سگهن ٿيون۔گذريل ڏينهن سڀ کان وڌيڪ برسات سرجاني ٽائون ۾ 26.3 ملي ميٽر، نارٿ ڪراچي ۾ 20 ملي ميٽر ۽ گلشن معمار ۾ 17 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي۔محڪمو موسميات جو چوڻ آهي ته هن وقت شهر جو موجوده گرمي پد 12 ڊگري سينٽي گريڊ آهي، اتر اوڀر طرف کان 8 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 36 سيڪڙو آهي۔ اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 22 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي۔

پنھنجي راءِ لکو