زيراعلى پنجاب مريم نواز شريف “رمضان نگہبان پيڪيج” جي منظوري ڏني، جنهن تحت 42 لک مستحق خاندانن کي في خاندان 10,000 روپيا نقد ڏنا ويندا. راشن ڪارڊ هولڊرز لاءِ مھينا امداد 3,000 روپيا کان وڌائي 10,000 روپيا ڪئي وئي آهي. مستحقين بينڪ آف پنجاب جي برانچ ليس ايجنٽس يا ون لنڪ نيٽورڪ سان ڳنڍيل ڪنهن به ATM مان رقم نڪري سگهن ٿا. صوبائي سطح تي 136 مرڪز، 65 سهولت بازار ۽ هر تحصيل ۾ 8 نگہبان دسترخوان قائم ڪيا ويندا ته جيئن عوام کي افطار ۽ ضروري سامان جي سهولت ملي سگهي.
