آمريڪا ۾ تازو آيل برفاني طوفان ۽ سخت سردي سبب فوتگين جو انگ 70 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ جي وچولي ۽ اوڀر علائقن ۾ سخت سردي برقرار آهي ۽ نئين طوفان جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔رپورٽن موجب گذريل هفتي آيل طوفان کان پوءِ ملڪ جا ڪيترائي علائقا برفباري ۽ منجمد ڪندڙ سردي جي لپيٽ ۾ آهن۔ مختلف حادثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 73 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جن ۾ ٽيڪساس ۾ برف تي ترڪي پاڻي ۾ ڪري فوت ٿيل ٽي ٻار به شامل آهن۔تقريباً 6 ڪروڙ 90 لک ماڻهو سخت سردي کان متاثر رهيا جڏهن ته اوڀر علائقن ۾ سردي ايندڙ هفتي تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي۔ ڪيترن شهرن ۾ گرمي پد انتهائي گهٽ سطح تي محسوس ڪيو ويو۔سردي سبب ٽيني سي ۽ مسيسيپي رياستن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ صارف بجلي کان محروم رهيا، جڏهن ته سوين پروازون منسوخ يا دير جو شڪار ٿي ويون۔موسميات ماهرن موجب ڪينيڊا ۾ ٺهندڙ گهٽ دٻاءُ وارو نظام قطبي هوائن کي آمريڪا ڏانهن آڻي رهيو آهي، جنهن سبب ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سخت سردي ۽ برفباري جو امڪان آهي۔نيشنل ويدر سروس شهرين کي احتياطي قدم کڻڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي۔
