وزیراعظم شهباز شريف جو اعلان صنعتن لاءِ بجلي ٽيرف ۾ 4.4 رپيا گهٽتائي

وزیراعظم شهباز شريف ملڪ جي تاجرن ۽ برآمد ڪندڙن کي خطاب ڪندي صنعتن لاءِ بجلي جي ٽيرف ۾ 4 رپيا 4 پيسن جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن اختيار هجي ها ته ٽيرف ۾ وڌيڪ 10 رپيا گهٽائي ڇڏيون ها، پر موجوده حالتن ۾ اهو ممڪن نه آهي۔وزیراعظم موجب انڊسٽري لاءِ بجلي جي ترسيل ٽيرف 9 رپين کان گهٽ ڪئي ويندي، جڏهن ته برآمد ڪندڙن لاءِ ٽيڪس ساڍي 7 سيڪڙو کان گهٽائي ساڍي 4 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. هن ملڪ کي مالي مشڪلاتن کان بچائڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي، پاليسي ريٽ ۽ قومي ذخائر ۾ اضافو پڻ اجاگر ڪيو

پنھنجي راءِ لکو