پي ڊي ايم اي موجب بلوچستان ۾ اڄ رات کان سياري جو نئون اسپيل داخل ٿيندو، جنهن سان گڏوگڏ ڪوئٽا، چاغي، نوشڪي، پشين، چمن، قلعو عبداللہ، قلعو سيف الله، زِيارت، هرنايي ۽ ژوب ۾ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته پهاڙي علائقن ۾ برفباري جو خدشو آهي.شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته خستہ حال گهرن ۾ نه رهن ۽ ندي نالن جي ويجهو وڃڻ کان پاسو ڪن. ضلعي انتظاميه، ريسڪيو 1122 ۽ لاڳاپيل ادارا هاءِ الرٽ تي رهندا. اين ايڇ اي ۽ ٻين محڪمن کي پلن، رستن، نالن ۽ ڊرينج سسٽم جي نگراني ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن.آزاد ڪشمير جي پهاڙي علائقن ۾ 1 کان 3 فروري تائين هلڪي کان وچولي برفباري جو اطلاع جاري ڪيو ويو آهي. شهرين ۽ سياحن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته تيز هوا، برفاني طوفان يا گرج چمڪ دوران محفوظ عمارتن ۾ پناهه وٺن ۽ سولر پينلز، ڪالمن ۽ هوڙنگز کي محفوظ ڪن.
