محڪمه موسميات موجب اڄ اسلام آباد ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ گرج چمڪ سان برسات متوقع آهي. خيبر پختونخوا جي گهڻن ضلعن ۾ موسم جزوي ابر آلود رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته دير، سوات، ڪوھستان، مالاڪنڊ، باجوڙ ۽ شانگلا ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.پنجاب جي گهڻن ضلعن ۾ موسم گرم ۽ مرطوب رهندو، البت مري، گليات، راولپنڊي، جهلم، اٽڪ، چڪوال ۽ گجرات ۾ برسات جو امڪان آهي. سنڌ ۾ موسم سخت گرم ۽ مرطوب رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.بلوچستان جي علائقن موسيٰ خيل، باکهان، خضدار، ژوب ۽ قلات ۾ برسات جي توقع آهي، جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گرج چمڪ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.ساڳئي وقت درياءِ سنڌ ۾ سکر بئراج تي اونهي سطح جو سيلاب برقرار آهي. گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد 5 لک 81 هزار 86 ڪيوسڪ ۽ اخراج 5 لک 53 هزار 559 ڪيوسڪ آهي.سکر بئراج تي پاڻي جي آمد 5 لک 71 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ اخراج 5 لک 58 هزار 120 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي آمد 3 لک 853 ڪيوسڪ ۽ اخراج 2 لک 89 هزار 98 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.درياءِ سنڌ ۾ هن وقت وچولي سطح جو سيلاب آهي. نوشهروفيروز جي منجهٺ علائقي ۾ ڪيترائي زمينداري بند ٽٽي پيا آهن، جنهن سبب سيلابي پاڻي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ بيٺل فصلون به پاڻي هيٺ اچي ويون آهن.
