شهباز شريف: ڪشمير پاڪستان جو حصو بڻجي ويندو، ڀارت ڪڏهن به حصو نه رهيو

يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڄمو ڪشمير جي قانون سا اسيمبليز ۾ خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو نه رهيو ۽ هاڻي به ناهي. ڪشمير پاڪستان جو حصو بڻجي ويندو. قائداعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شه رگ قرار ڏني هئي، جيڪو اسان جي خارجه پاليسي جي بنياد آهي.وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي قيادت هيٺ ڀارت کي ڏنل شڪست جي مثال نسلون نه وسارينديون. معرڪو حق ۾ شاندار فتح سان ڪشمير جو مسئلو ٻيهر سڄي دنيا ۾ اجاگر ٿيو.شهباز شريف چيو ته عسڪري ۽ خارجه محاذ تي پاڪستان ڀارتي ڪوڙ جي بياني کي دفن ڪري ڇڏيو آهي. ڀارت پنهنجي پراڪسي ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي ۽ ان جا جارحانه ارادا ختم ٿيڻ تائين علائقي ۾ امن قائم نه ٿي سگهي.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته امن برابري جي بنياد تي ئي قائم ٿي سگهي ٿو ۽ پاڪستان هر سطح تي جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ڪشميري عوام جون امنگيون ۽ سلامتي ڪائونسل جون قراردادون ئي ڪشمير جو پائيدار حل آهن.هن موقعي تي آزاد ڪشمير لاءِ ڪيترا ترقياتي منصوبا ۽ فنڊ پڻ اعلان ڪيا ويا.

پنھنجي راءِ لکو