قومي اسيمبلي اجلاس ۾ آصفه ڀٽو جي پرچي عبد القادر پٽيل جو لهجو بدلائي ڇڏيو

قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي رڪن عبدالقادر پٽيل گل پلازہ جي حادثي تي اظهار خيال ڪندي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) تي سخت تنقيد ڪري رهيا هئا، ته ان دوران خاتونِ پهرين ۽ رڪن اسيمبلي آصفه ڀٽو پيپلز پارٽي جي رڪن شازيه مري جي ذريعي عبدالقادر پٽيل کي هڪ پرچي موڪلي.پرچي پڙهڻ کان پوءِ عبدالقادر پٽيل جو لهجو واضح طور تي بدلجي ويو ۽ هن الزام تراشي ڇڏي سڀني سياسي جماعتن کي گڏجي مسئلن جو حل ڪڍڻ جي ڳالهه شروع ڪئي۔عبدالقادر پٽيل چيو ته حادثن جو حل سياسي محاذ آرائي ذريعي نه پر باهمي تعاون ۽ گڏيل ڪوششن سان ممڪن آهي۔اجلاس دوران شازيه مري پاران پرچي ڏيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن کان پوءِ صارفين پاران دلچسپ ۽ طنزيه تبصرا پڻ سامهون آيا۔واضح رهي ته عبدالقادر پٽيل شروعاتي تقرير ۾ ايم ڪيو ايم کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا هئا، پر پرچي موصول ٿيڻ کان پوءِ سندن موقف معتدل ۽ تعميراتي ٿي ويو۔

پنھنجي راءِ لکو