وزيراعظم شهباز شريف سان چيني سفير جيانگ زيڊونگ وفاقي راڄڌاني ۾ اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جا خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا.
ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف چيني قيادت کي ٽو سينز جي ڪامياب منعقد ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي. هن چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي کي يوم پاڪستان جي مبارڪباد ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم زراعت، صنعتي تعاون ۽ بنيادي ڍانچي جي تحت سي پيڪ ٽو کي اڳتي وڌائڻ جي ارادي جو پڻ اظهار ڪيو.
چيني سفير جيانگ زيڊونگ پاڪستان جي اقتصادي استحڪام ۽ اصلاحي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ واپار ۽ سرمائيڪاري ۾ تعاون جو ارادو ظاهر ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري ملاقاتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي 75هين سالگره تي رابطي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
وزيراعظم علاقائي صورتحال تي ڳالهائيندي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ استحڪام قائم رکڻ ۾ پاڪستان جي تعميري ڪردار جي تعريف ڪئي. هن گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ويجهي هم آهنگي جاري رکڻ ۽ پائيدار پاڪستان-چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو ارادو پڻ ظاهر ڪيو.
