اشنگٽن (ويب ڊيسڪ) – آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪيو آهي ته ايران ‘وڏي تحفي’ طور آبنائے هرمز مان 8 تيل سان ڀريل بحري جهازن کي گذرڻ جي اجازت ڏني.
ٽرمپ ڪابين جي اجلاس ۾ ٻڌايو ته هي جهاز خير سگالي طور گذاريا ويا ته جيئن اهو ظاهر ٿئي ته ايران جي طرفان پيغام موڪليو ويو آهي ته اهي ‘اصلي ماڻهو’ آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه جهاز پاڪستان جي جهنڊي وارا هئا.
آمريڪي صدر چيو ته ايران کي آبنائے هرمز مان ٽول وصول ڪرڻ جو حق نه هئڻ گهرجي، پر انهيءَ باوجود هن اهو ڪيو.
هي پيش رفت اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن آمريڪا ايران خلاف ‘آپريشن ايپڪ فيوري’ جاري رکيو آهي، جنهن جو مقصد ايران جي ايٽمي ۽ فوجي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ هو.
ٽرمپ دعويٰ ڪيو ته آمريڪي فوجي ڪاررواين جي نتيجي ۾ ايران جي بحريه، فضائيه ۽ ميزائل سسٽم کي شديد نقصان پهتو آهي، جنهن کان پوءِ ايران هاڻي ڳالهين ۽ لچڪ ڏيکارڻ جي طرف مائل نظر اچي رهيو آهي.
