دبئي جي سامونڊي حدن ۾ هڪ ڪويتي آئل ٽينڪر تي ڊرون حملو ڪيو ويو، جنهن سبب اينڪريج “A” ڀرسان ٽينڪر ۾ باهه لڳي وئي۔ دبئي ميڊيا آفيس موجب فائر فائٽنگ ٽيمن فوري ڪارروائي ڪندي باهه تي ضابطو آڻي ڇڏيو ۽ ٽينڪر ۾ موجود سڀئي 24 عملي جا ميمبر محفوظ رهيا، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو۔ڪويت پيٽروليم ڪارپوريشن چيو آهي ته ٽينڪر “السالمي” مڪمل طور تيل سان ڀريل هو ۽ ان کي ايران طرفان نشانو بڻايو ويو۔ هاڻي نقصان جو جائزو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته سمنڊ ۾ تيل پکڙجڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔ٻئي پاسي ڪويت ۾ ڌماڪن جون آوازون ٻڌڻ ۾ آيون، جنهن بعد فوج ٻڌايو ته فضائي دفاعي نظام ايراني ميزائلن ۽ ڊرون حملن کي ناڪام بڻائڻ ۾ مصروف آهي۔ شهرين کي احتياطي هدايتن تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي۔دبئي جي علائقي البدعہ ۾ پڻ هڪ خالي گهر تي ملبو ڪرڻ سبب باهه لڳي وئي، جيڪا وسائي وئي۔ هن واقعي ۾ 4 ماڻهو معمولي زخمي ٿيا۔ساڳئي وقت سعودي عرب دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڪجهه ڪلاڪن دوران 8 بيلسٽڪ ميزائل تباهه ڪيا، جن مان 7 رياض ۽ هڪ اوڀر واري علائقي ڏانهن فائر ڪيا ويا هئا۔
