عيدالاضحيٰ تي موٽر ويز تي وڏي پابندي لاڳو

عيدالاضحيٰ جي موقعي تي موٽر وي پوليس عوام جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي قرباني جي جانورن سان ڀريل گاڏين جي موٽر وي ۾ داخلا تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي۔ اختيارين موجب اوورلوڊ ۽ غير فٽ گاڏيون حادثن جو سبب بڻجن ٿيون، تنهنڪري انهن کي متبادل رستا استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔

موٽر وي ترجمان جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ به جانورن سان ڀريل گاڏين سبب ڪيترائي خطرناڪ حادثا پيش اچي چڪا آهن۔ صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا پوليس کي خاص چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ ۽ غير قانوني پارڪنگ خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔