وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ هيپاٽائٽس سي جو ٽيسٽ لازمي قرار ڏنو ويندو.پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير چيو ته هر شهري کي هيپاٽائٽس سي جي اسڪريننگ ڪرائڻي پوندي، جڏهن ته اسڪريننگ جو رڪارڊ نادرا سان ڳنڍيو ويو آهي.هن ٻڌايو ته صحت واري وزارت جي ملازمن لاءِ هيپاٽائٽس سي ٽيسٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ ٽيسٽ نه ڪرائيندڙ ملازم جي پگهار روڪي ويندي. وزيرن سميت سمورن سرڪاري ملازمن لاءِ به ٽيسٽ لازمي ڪيو ويندو.صطفيٰ ڪمال موجب ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو هيپاٽائٽس سي جو شڪار آهن. پي ايم هيپاٽائٽس پروگرام تحت مريضن کي 68 هزار رپين جي دوا مفت فراهم ڪئي ويندي.اسلام آباد ۾ مفت اسڪريننگ لاءِ 17 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته خانگي اسپتالن کي به اسڪريننگ ڪِٽس فراهم ڪري ملڪ ۾ وڏي پيماني تي اسڪريننگ ڪرائي ويندي
