ڌرتي ماءُ آهي“، بلاول انسٽاگرام تي شهيد بينظير ڀٽو جي تصوير سان گڏ سنڌي ۾ پوسٽ شيئر ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي پنهنجي والده ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي هڪ يادگار تصوير شيئر ڪندي سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اثرائتو پيغام لکيو آهي.

بلاول ڀٽو زرداري تصوير سان گڏ مختصر پر بامقصد ڪيپشن ڏيندي لکيو ته ”ڌرتي ماءُ آهي“
يپلز پارٽي جي چيئرمين پاران هي پوسٽ شيئر ٿيندي ئي سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي ۽ واهپيدارن جي ڌيان جو مک مرڪز بڻجي وئي. ان پوسٽ تي هزارين مداحن، پارٽي ڪارڪنن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاران شهيد بينظير ڀٽو کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو پيو وڃي ۽ گڏوگڏ پيار ۽ احترام سان ڀرپور تبصرا پڻ سامهون اچي رهيا آهن.