پمز اسپتال جي نرسري ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب ڪيترن ئي نومولود ٻارن جي فوت ٿيڻ واري واقعي والدين کي سخت صدمو پهچايو آهي. متاثر عورت الزام لڳائيندي چيو آهي ته نرسري کي لاڪ ڪري عملي پاران اتيان وڃڻ تي ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا ۽ معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي ڳالهائيندي متاثر والدہ چيو ته نرسري کي لاڪ ڪري عملي ڇو ويو؟ هن الزام لڳايو ته هي رڳو حادثو نه پر مبينا طور تي ڄاڻي واڻي باهه لڳائڻ جو واقعو آهي. سندس چوڻ هو ته ٻارن جي گم ٿيڻ يا ساڙجڻ بابت پڻ جاچ ڪئي وڃي.متاثر والدہ وڌيڪ الزام لڳايو ته ڊاڪٽرن، نرسن ۽ اسپتال جي عملي مان ڪنهن کي به معمولي زخم نه رسيو، جڏهن ته ٻار باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويا. هن ريسڪيو ۽ پوليس جي مبينا دير تي پڻ سوال اٿاريندي چيو ته ريسڪيو عملو تقريباً ٻن ڪلاڪن کانپوءِ، جڏهن ته پوليس چار ڪلاڪن کانپوءِ پهتي.
هن ضلعي انتظاميا ۽ اسپتال جي عملي تي پڻ تنقيد ڪندي چيو ته اختيارين واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري واپس هليا ويا.
ٻئي طرف پمز اسپتال جي سربراهه پروفيسر عمران سڪندر آتشزدگي جي واقعي ۾ 14 نومولود ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه رپورٽن ۾ فوت ٿيل ٻارن جو انگ 15 ٻڌايو ويو آهي.پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر موجب هڪ نومولود ٻار سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ باهه لڳڻ جو حتمي سبب اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو. واقعي جي سمورن پاسن کان جاچ ڪئي ويندي.