پمز اسپتال ۾ باهه: چئن سالن کانپوءِ پيدا ٿيل ٻار به فوت، پيءُ جو ڏکوئيندڙ بيان

پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب فوت ٿيل نومولود ٻار جي پيءُ ادريس خان واقعي جا ڏکوئيندڙ تفصيل ٻڌائيندي اسپتال انتظاميا جي انتظامن تي سوال اٿاريا آهن.
ادريس خان ٻڌايو ته سندس پٽ جي پيدائش گذريل ڏينهن فجر جي وقت ٿي هئي. هن پنهنجي نومولود پٽ جي ڪن ۾ اذان ڏني ۽ ان جو نالو پڻ رکيو. سندس چوڻ هو ته ٻار چئن سالن کانپوءِ پيدا ٿيو هو ۽ پٽ جي پيدائش تي سڄو خاندان تمام گهڻو خوش هو.ڏکويل پيءُ ٻڌايو ته ڊاڪٽر کيس چيو هو ته ٻار کي نرسري ۾ رکڻ جي ضرورت ناهي، پر اسپتال جي عملي چيو ته ٻار کي وڌيڪ ٻن کان اڍائي ڪلاڪن تائين نرسري ۾ رکڻو پوندو.ادريس خان موجب جڏهن هو ٻار کي وٺڻ لاءِ نرسري پهتو ته دروازي تي تالو لڳل هو ۽ اندر مان دونهون نڪري رهيو هو. نرسري ٻاهران افراتفري جو ماحول هو ۽ اتي ڪو به عملي جو ماڻهو موجود نه هو.
ن ٻڌايو ته گهرڀاتين پاڻ دريون ٽوڙيون ۽ نرسري جو تالو کولڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس دعويٰ موجب فائر بريگيڊ ۽ ريسڪيو ٽيم به فوري طور تي نه پهتي ۽ اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ دير ٿي وئي. ان وقت تائين ڪيترائي ٻار باهه ۽ دونهين کان متاثر ٿي چڪا هئا.ادريس خان وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ باهه کان بچاءَ لاءِ مناسب انتظام موجود نه هئا. سندس چوڻ موجب نه فائر الارم هو ۽ نه ئي ٻيا حفاظتي انتظام مؤثر نظر آيا. هن چيو ته هنن پاڻ شيشا ٽوڙي اندر داخل ٿي تالا کوليا ۽ 3 کان 4 ٻارن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت نرسري مان ٻاهر ڪڍيو.ڏکويل پيءُ چيو، ”منهنجي گهر ۾ چئن سالن کانپوءِ اولاد ٿي هئي، هاڻي ان جو ازالو ڪير ڪندو؟“اضح رهي ته اسلام آباد جي پمز اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 14 نومولود ٻارن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.