دهشتگردن جا دوست پاڪستان جا دوست نٿا ٿي سگهن: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي:پرڏيهي وزير بلاول ڀُٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان سان دوستي رکندڙ ملڪ پاڪستان جو دوست نٿو ٿي سگهي.جرمن ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو ته پاڙيسري ملڪن ۾ دهشتگردن خلاف ڪاروايون نه ٿيون ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي خطرا وڌيڪ رهندا.هن چيو ته دهشتگردن کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست ڏينداسين، اهڙي تنظيمن سان ڳالهيون پاڪستان جي مفاد ۾ ناهن.بلاول ڀُٽو زرداري جو چوڻ هو ته گذريل حڪومت جي فيصلن ۽ خان صاحب جي آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچايو آهي.پيپلزپارٽي پارٽي چيئرمين جو چوڻ هو ته عمران خان اچي، پارليامينٽ ۾ واپس اچي ويهي، اسان سان ڳالهيون ڪري، چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ ٿوري بحث جي ضروري آهي.بلاول ڀُٽو زرداري ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت بابت چيو ته ڀارت ۾ ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت بابت اڃا تائين فيصلو ناهي ڪيو.پرڏيهي وزير انٽرويو ۾ اميد ظاهر ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ طالبانن کي شڪست ڏينداسين.سندس چوڻ هو ته اڳوڻي قيادت جون پاڪستاني طالبان سان ڳالهيون ملڪ جي مفادن ۾ نه هيون. اميد آهي ته افغانستان انهن تنظيمن خلاف ڪاروايون ڪندو.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڙيسري ملڪ واري حڪومت پنهنجا واعدا پورا ڪري، دهشتگردن کي پنهنجي زمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي ۽ اتي ئي دهشتگردن سان مقابلو ڪري.معاشي حالتن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته قدرتي آفتن ۽ گذريل حڪومت جي فيصلن ملڪ جي معيشت کي نقصان پهچايو، هلندڙ مهيني آمريڪا سان واپاري ڳالهين جو سلسلو شروع ٿيندو.ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪندي بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته سياسي انتقامي ڪاروايون پاڪستان جي مفادن ۾ ناهن، اڄ به عمران خان کي چئون ٿا ته معذرت ڪري، توبهه ڪري، مڃي ته هو غير جمهوري ٿو، آئين جي خلاف ڪم ڪري رهيو هو.بلاول ڀُٽو زرداري چيو ته مخالف ڌر سان ميثاق جمهوريت ۽ ضابطا اخلاق تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اهي ڳالهيون پاڪستان جي جمهوريت جي مفاد ۾ هونديون.