پنجاب اسيمبلي اپوزيشن جون سموريون ترميمون رد ڪندي دهشتگردي روڪٿام پنجاب ترميمي بل 2026 منظور ڪري ورتو. بل پارلياماني سيڪريٽري خالد محمود رانجها اسيمبلي ۾ پيش ڪيو.

لاهور (نمائندو): پنجاب اسيمبلي اپوزيشن جون سموريون ترميمون رد ڪندي دهشتگردي روڪٿام پنجاب ترميمي بل 2026 منظور ڪري ورتو. بل پارلياماني سيڪريٽري خالد محمود رانجها اسيمبلي ۾ پيش ڪيو.

بل جي متن موجب موجوده دهشتگردي روڪٿام عدالتن جو قانوني فريم ورڪ هاءِ سيڪيورٽي نوعيت جي ڪيسن لاءِ ڪافي نه هو، جنهن سبب قانوني نظام ۾ وڌيڪ حفاظتي قدمن ۽ سهولتن جي ضرورت محسوس ڪئي وئي.

ترميمي بل جو بنيادي مقصد منصفاڻي ٽرائل ۽ انساني وقار جي آئيني حقن کي برقرار رکندي ججن، پراسيڪيوٽرن، جاچ آفيسرن، وڪيلن ۽ شاهدن جي سلامتي کي يقيني بڻائڻ آهي.

بل جي متن موجب خاص سيڪيورٽي وارن ڪيسن ۾ ججن، وڪيلن ۽ شاهدن جي سڃاڻپ ڳجهي رکڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي. ان مقصد لاءِ وائس موڊيفڪيشن ٽيڪنالاجي يعني آواز تبديل ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي ۽ اليڪٽرانڪ لنڪس استعمال ڪيا ويندا.

ترميمي بل تحت هاءِ سيڪيورٽي ڪيسن جي ٻڌڻي دوران عدالتي ڪارروائي سان لاڳاپيل ماڻهن جي تحفظ کي خاص اهميت ڏني وئي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته انهن قدمن جو مقصد دهشتگردي سان لاڳاپيل حساس ڪيسن ۾ عدالتي ڪارروائي کي محفوظ بڻائڻ سان گڏ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي آئيني حقن جو تحفظ ڪرڻ آهي.

پنجاب اسيمبلي ۾ بل جي منظوري دوران اپوزيشن طرفان پيش ڪيل سموريون ترميمون رد ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ ايوان دهشتگردي روڪٿام پنجاب ترميمي بل 2026 منظور ڪري ورتو.