سنڌ هاءِ ڪورٽ رائو انوار ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيلون ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتيون

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتيون. عدالت پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي 4 هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.مقتول نقيب الله جي ڀاءُ عالم شير طرفان 3 مختلف اپيلون داخل ڪيون ويون آهن جنهن ۾ موقف اختار ڪيو ويو آهي ته دهشتگردي جي انت واري عدالت جوابدارن کي بري ڪري شاهدين کي نظر انداز ڪيو آهي. نقيب الله جي ڀاءُ عالم شير طرفان دهشتگردي جي انت واري عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته دهشتگردي جي انت واري عدالت نقيب الله قتل ڪيس جو فيصلو 23 جنوري 2023 تي ٻڌايو هو عدالت شاهديون نه هجڻ جي آڌار تي رائو انوار سميت 18 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو هو.