شورڪوٽ:
موٽروي M-4 تي باھو انٽرچينج وٽ ملتان ڏانھن ويندڙ رستي تي ٽريفڪ حادثو پيش آيو آھي، جتي ٿانون سان ڀريل ھڪ تيز رفتار ٽريلر موٽروي تان ھيٺ ڪري پيو. ھن خوفناک حادثي جي نتيجي ۾ ٻھ ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏھن تھ سخت زخمي ٿي پيا آھن. حادثي جي اطلاع ملندي ئي مقامي انتظاميا ۽ ريسڪيو ادارا حرڪت ۾ اچي ويا ۽ فوري طور تي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون.
ريسکيو 1122 ڪنٽرول روم کي ملندڙ شروعاتي اطلاعن موجب، ھي بدقسمت ٽريلر فيصل آباد کان سامان کڻي ڪراچي جي طرف روانو ھو تھ رستي ۾ ڊرائيور جي اک لڳڻ سبب گاڏي مٿان ڪنترول ختم ٿي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ٽريلر رستي مان لھي ڪري کاھي ۾ ڪري پيو جنھن سبب ھي حادثو پيش آيو
