اداڪارھ ڪرن خان ليگي اڳواڻ اشتياق بيگ سان نڪاح ڪري ورتو

ڪراچي:پاڪستان جي مشھور ميزبان ۽ اداڪارھ ڪرن خان پنھنجي زندگي جو ھڪ نئون باب شروع ڪندي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ نامور شخصيت اشتياق بيگ سان مڪي مڪرمھ ۾ نڪاح ڪري ورتو آھي. نئين جوڙي پنھنجي ھن مبارڪ قدم بابت خبر سوشل ميڊيا جي ذريعي پنھنجي مداحن سان شيئر ڪئي، جنھن کانپوءِ کين ھر پاسي کان دعائن جا پيغام ملي رھيا آھن. مداحن پاران ھن نئين جوڙي جي مستقبل لاءِ نيڪ تمنائون ڏنيون پيون وڃن.

ذريعن موجب، اداڪارھ ڪرن خان ۽ اشتياق بيگ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ مقدس سرزمين تي موجود ھئا، جتي انھن مڪي مڪرم ۾ پنھنجي نڪاح جا فرض سر انجام ڏنا. ڪرنھن پنھنجي سوشل ميڊياپيغام ۾ ان اظھار کي انتھائي خوشقسمتي قرار ڏيندي چيو تھ کيس ھڪ ئي وقت زندگي جون ٻھ وڏيون نعمتون يعني عمري جي سعادت ۽ نڪاح جي صورت ۾ نئون ساٿي مليو آھي، جنھن تي ھوءَ اللھ تعاليٰ جي دربار ۾ شڪرگذار آھي.

شوبز ۽ سياسي حلقن ۾ ھن خبر جي سامنھن اچڻ سان ئي دوستن، عزيزن پاران نئين جوڙي کي نئين زندگي جي شروعات تي مبارڪباد ڏيڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آھي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽن تي ھن جوڙي جون تصويرون ۽ نڪاح جون خبرون سڀ کان وڌيڪ بحث ھيٺ آھن، جتي ماڻھو کين گڏيل ۽ خوشحال مستقبل جون دعائون ڏئي رھيا آھن.