تھران ايران جي پاسداران انقلاب جي زميني فوج جي ڪمانڊر جنرل محمد ڪرمي چيو آھي تھ ملڪي سلامتيءَ کي ھر قيمت تي يقيني بڻايو ويندو ۽ دشمن جي ڪنھن بھ قسم جي غلط اندازي يا بزدلاڻي قدم جو پوري طاقت ۽ بھادريءَ سان جواب ڏنو ويندو. ھن واضح ڪيو تھ ايراني ھٿياربند فوجون ھر وقت چوڪنا ۽ مڪمل طور تي تيار آھن تھ جيئن ملڪ جي سرحدن ۽ عوام جي جان و مال جو دفاع ڪيو وڃي.
پرڏيھي ميڊيا رپورٽن مطابق ايراني اختيارين پاران ملڪي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ اھم قدم کنيا پيا وڃن. ھن عزم جو اظھار ڪيو ويو آھي تھ ملڪ جي دفاعي صلاحيتن کي جديد تقاضن سان ھم آگا ڪيو ويو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ ايران ڪنھن بھ درپيش خطري سان منھن ڏيڻ جي پوري طاقت رکي ٿو. ان سلسلي ۾ ملڪ اندر مختلف دفاعي حڪمت عملين تي پڻ عملدرآمد جاري آھي.
دفاعي حڪو مت عملي جي حصي طور، ايراني فوج پنھنجي جان نثارن ۽ رضاڪار دستن کي پڻ مڪمل طور تي متحرڪ ڪري ڇڏيو آھي. مبصرن جو چوڻ آھي تھ موجودھ خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايران پاران اھڙا قدم کڻڻ انتھائي اھم آھن، جيڪي خطي ۾ طاقت جو توازن برقرار رکڻ ۽ جارحيت کي روڪڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا.
