حريم فاروق جو نئون لُڪ وائرل، سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جي زد ۾

ن موجب، حريم فاروق پنھنجي ايندڙ نئين فلم ’مينگو جٽ‘ جي تعارفي ۽ لانچ تقريب ۾ شاندار نموني شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ھن ايپل گرين رنگ جي مختصر سلک جي ڪُرتي پاتل ھئي، جنھن سان گڏ ھن بيج ۽ سي گرين رنگ جي جامھ وار وڏي گھير واري شلوار ۽ خوبصورت آرگنزا جو دوپٽو پڻ زيب تن ڪيو ھو. ھن جو ھي روپ جتي ڪجھھ مداحن کي منفرد لڳو، اتي ئي اڪثر سوشل ميڊيا واھپيندڙن ان کي فيشن جي دنيا جو ھڪ غير مناسب تجربو قرار ڏنو.
سوشل ميڊيا تي تصويرون ۽ وڊيوز وائرل ٿيڻ کان پوءِ واھپيندڙن طرفان تبصرن جو طوفان اچي ويو. ڪيترن ئي صارفين جو چوڻ ھو تھ لباس جو انتخاب تقريب جي مناسبت سان بلڪل بھ درست نھ ھو، جڏھن تھ ڪن تنقيد ڪندڙن ان انداز کي روايتي ۽ ثقافتي قدرن جي ابتڙ قرار ڏنو. ٻئي پاسي، اداڪارھ جي حاميڻ سندس دفاع ڪندي چيو آھي تھ فنڪار پنھنجي پسند ۽ وقت جي مناسبت سان ڪو بھ لباس پائڻ جو حق رکن ٿا
ياد رھي تھ شوبز شخصيتن جو سوشل ميڊيا تي پنھنجي لُڪ يا لباس جي ڪري تنقيد جي زد ۾ اچڻ ڪا نئين ڳالھھ ناھي، پر حريم فاروق جي ھن نئين انداز سوشل ميڊيا تي ھڪ نئين بحث کي جنم ڏنو آھي، جتي فيشن ماھر ۽ عام واھپيندڙ پنھنجي پنھنجي انداز ۾ پنھنجا رايا ڏئي رھيا آھن.