پنجاب جي تعليم واري وزير استاد بڻجي پنجين جماعت کي انگريزي پڙھائي

لاھور پنجاب جي تعليم واري وزير رانا سکندر حيات تعليمي نظام ۾ بھتري آڻڻ ۽ زميني حقيقتن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان ھڪ منفرد قدم کڻندي اچانڪ گورنمينٽ ھاءِ اسکول لدھر جو دورو ڪيو. ھن دور دوران صوبائي وزير نھ رڳو اسکول جي انتظاميا ۽ تدريسي سھولتن جو معائنو ڪيو، پر پنھنجي عھدو ۽ پروٽوڪول کي پاسي تي رکي خود استاد جو روپ اختيار ڪيو ۽ پنجين جماعت جي شاگردن کي انگريزي جو مضمون پڙھايو جنھن جو وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رھيو آھي.

ذريعن موجب، رانا سکندر حيات ڪلاس روم ۾ وڃي ڪري شاگردن سان سھڻي انداز ۾ ڳالھ ٻولھ ڪئي، سندھي پڙھائي جي صلاحيتن کي پرکيو ۽ کين انگريزي ٻولي ۾ بنيادي قاعدن بابت معلومات ڏني. ھن تدريسي عمل دوران استادن ۽ شاگردن سان پڻ تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ت جيئن اسکولن ۾ درپيش چئلينجز ۽ استادن جي مسئلن کي ويجھڙائي کان سمجھي سگھجي. ھن عمل سان شاگردن ۽ استادن ۾ خوشگوار حيرت پکڙجي وئي ۽ شاگردن پنھنجي وزير کي استاد ۾ ڏسي بيحد خوشي جو اظھار ڪيو.

تعليم واري وزير جو چوڻ ھو تھ سرڪاري اسکولن جي تعليمي معيشت کي بھتر بڻائڻ ۽ تعليمي ادارن ۾ حاضري کي يقيني بڻائڻ اسان جي اولين ترجيح آھي. ھن زور ڏنو تھ وزير ھجڻ جي باوجود ھو پڻ ھڪ استاد ۽ عوام جو خادم آھي، ۽ زميني حقيقتن جو اندازو صرف ڪاغذي رپورٽن ذريعي نھ پر سڌي سنئين دورن ذريعي ئي لڳائي سگھجي ٿو. ھن يقين ڏياريو تھ پبلڪ اسکولن جي بھتري لاءِ اصلاحات جو سلسلو جاري رھندو ۽ استادن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بھتر بنائڻ لاءِ مؤثر حڪو مت عملي جوڙي ويندي.