رياض:
سعودي عرب جي ٻن اھم ھوائي اڏن تي ٿيل حملن جي نتيجي ۾ جاني نقصان ۽ زخمين بابت تفصيل سامھون اچي ويا آھن. سعودي سول ايوي ايشن اٿارٽي موجب، 6 ۽ 7 آڪٽوبر تي ابھا ۽ ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽس کي نشانو بڻايو ويو، جنھن سبب ڪيترائي ماڻھو متاثر ٿيا آھن.
اختيارين پاران جاري ڪيل بيان موجب، ابھا ايئرپورٽ تي مسافرن کي نشانو بڻائي حملو ڪيو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻھو شديد زخمي ٿي پيا. ان کان علاوھ ڪنگ خالد ايئرپورٽ تي بھ حملي جي تصديق ڪئي وئي آھي، جتي وڌيڪ جاني نقصان جا خدشا ظاھر ڪيا پيا وڃن، جڏھن تھ ريسڪيو ۽ طبي عملو فوري طور امدادي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو.
ناخوشگوار واقعن کانپوءِ سعودي سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گھيري ۾ وٺي باضابطا جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي. ملڪ جي سمورن ايئرپورٽن تي ھاءِ الرٽ جاري ڪندي سيڪيورٽي انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا آھن، جڏھن تھ اڏامن ۽ مسافرن جي سخت اسڪريننگ ڪئي پئي وڃي.
سعودي حڪومت حملن جي سخت مذمت ڪندي ان ڳالھھ جو ورجاءُ ڪيو آھي تھ ملڪي خودمختياري، شھرين ۽ ھوائي اڏن جي سلامتيءَ تي ڪوبھ سمجھوتو نھ ڪيو ويندو ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو.
