لکنئو:پٽنا کان لکنئو ويندڙ انڊيگو ايئرلائنز جو مسافر جھاز دورانِ پرواز 17 ھزار فٽن جي اوچائيءَ تي آسماني وڄ ڪرڻ سبب جھاز جي اڳئين حصي (نوز ڪون) کي سخت نقصان پھتو، جڏھن تھ خوشقسمتيءَ سان سمورا مسافر مڪمل طور محفوظ رھيا.
رپورٽن موجب، اوچتو پيش آيل ھن واقعي دوران زوردار ڌماڪو ٻڌو ويو، جنھن سبب مسافرن ۾ سخت خوف، ھراس ۽ ڀاڄ پکڙجي وئي. پرواز جي عملي اعليٰ پروفيشنل صلاحيتن جو مظاھرو ڪندي فوري طور صورتحال تي ضابطو آندو ۽ جھاز کي بنا ڪنھن وڏي حادثي جي لکنئو ايئرپورٽ تي باحفاظت لاھي ورتو.
انڊيگو ايئرلائنز جي ترجمان تصديق ڪئي آھي تھ وڄ لڳڻ سبب جھاز جي اڳئين حصي کي فني نقصان پھتو آھي. ترجمان موجب، لينڊنگ کانپوءِ سمورن مسافرن کي بحفاظت ھيٺ لاٿو ويو، جڏھن تھ انجنيئرن ۽ فني ٽيم پاران جھاز جو تفصيلي معائنو ۽ مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو آھي.
