لاهور: جيل ڀريو تحريڪ ۾ لاهور مان گرفتار ٿيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.زين قريشي طرفان پيءُ شاهه محمود قريشي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شاهه محمود قريشي سختيءَ واري قيد ۾ رکيو ويو آهي، شاهه محمود کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو ويو پر اهو نٿو ٻڌايو وڃي ته کيس ڪٿي رکيو ويو آهي.اسد عمر، عمر سرفراز چيما، وليد اقبال، اعظم سواتي کانسواءِ ڊاڪٽر مراد راس، جان مدني، اعظم نيازي ۽ احسان ڊوگر جي بازيابي لاءِ به درخواستون داخل ڪيون ويون آهن.پي ٽي آءِ اڳواڻن جي بازيابي جي درخواست تحريڪ انصاف جي اعجاز چوڌري داخل ڪئي آهي، درخواست ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوم، آءِ جي ۽ سي سي پي او کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آءِ جي ۽ سي سي پي او تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو آهي، اڳواڻن کي مال روڊ تان پڪڙي پهريون ڪيمپ جيل، پوءِ ڪوٽ لکپت جيل نيو ويو، اڳواڻن کي کاڌو ۽ دوائون به ڏيڻ نه ٿيون ڏنيون وڃن.اعجاز چوڌري طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اڳواڻن کي غير قانوني طور گرفتار ڪيو ويو آهي، شهرت ۽ ذات کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪوڙا ڪيس ٺاهي سگهجن ٿا، اڳواڻن ۽ ورڪرن کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو به مقصد ناهي، اڳواڻن کي آزاد ڪرائي پوليس کي غيرقانوني قدم کڻڻ کان پاسو رهڻ جا حڪم ڏنا وڃن.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شهرام سرور درخواست تي ٻڌڻي لاءِ جمعي ڏينهن مقرر ڪيو آهي.